صوفي لعل بخش ڪانڌڙو

صوفي لعل بخش ڪانڌڙو: نامور طبيب ۽ استاد صوفي لعل بخش ولد الهه بچايو ڪانڌڙو، 1910ع ڌاري ڳوٺ خدا بخش ڪانڌڙي، تعلقي موري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ۽ تربيت پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين. جڏهن پنج سالن جو ٿيو ته قرآن شريف حافظ حامد الله کان حفظ ڪيائين. جڏهن ته محمد صالح کان عربي، فارسي ۽ سنڌي جي تعليم حاصل ڪيائين. هن پنهنجي ڏاڏي ميان حڪيم عرف محمد وٽ طب جي سکيا ورتي، ان دوران پاڻ ڳوٺ ۾ ملان مڪتب قائم وتائين، جنهن کي بعد ۾ حڪومت باقاعده تسليم ڪري فنڊ ڏيندي هئي. پاڻ ان مڪتب ۾ ڪيترائي سال استاد جا فرض انجام ڏيندو رهيو. اهو اسڪول اڄ به قائم آهي، جيڪو اي.پي ڪلاس هاءِ اسڪول جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. پاڻ 1951ع ڌاري وڏي ٻوڏ اچڻ سبب ڳوٺ خدا بخش مان لڏي اچي موري شهر ۾ آباد ٿيو، جتي وينجهر محلي ۾ پنهنجي مرشد نصير فقير صوفي جي نسبت سان نصيرآباد جي نالي سان دواخانو قائم ڪيائين. ان کانپوءِ پنهنجو ذاتي پلاٽ خريد ڪري اتي اچي آباد ٿيو، جيڪو هاڻي مورو ميونسپل ۾ ڪانڌڙا محلا جي نالي سان مشهور آهي. هن جيڪو دواخانو قائم ڪيو. ان جو بعد ۾ نالو ‘صوفي شفاخانو’ رکيو، جتي پاڻ حڪمت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. هي ايوب خان جي دور ۾ جرڳا ڪميٽي ۽ مورو قانون ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. پاڻ شاعر به هو. هن شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ ڪافيون ۽ ڏوهيڙا شامل آهن. هن ٿورو وقت شاعري ڪئي. رکيل شاهه ۽ چيزل شاهه سان سندس رهاڻيون ٿينديون هيون. هن صوفي بزرگ 14 نومبر 1984ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو